دائود ڪنڀ

دائود ڪنڀ: دائود ڪنڀ نالي ماڳ، ڪانڀو جبل جي سلسلي ۾ آهي. نئن موڙهائيءَ ڪانڀو جبل کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. اتر وارو پاسو ’ڪانڀو‘ سڏجي ٿو ۽ ڏکڻ وارو حصو ’هوٿار‘ جبل آهي، ٻنهي جي وچ ۾ دائود ڪنڀ آهي، جنهن جو پاڻي معدنيات جي ملاوت سبب پيئڻ جهڙو نه آهي، پر ان تي ڍانڍي گاهه گهڻو ٿيندو آهي، جيڪو مقامي پکين جي جياپي جو وڏو ذريعو آهي. هتي اڇي ڳل واري بلبل (Checked Bulbul) به جام آهي. هي ماڳ هڪ سٺي ڊيم لاءِ عاليشان هنڌ آهي. مٿي هوٿار وٽ ’دائود ريسٽ هائوس‘ ٺهيل آهي. هن هنڌ، جبل کي ٽڪي لنگهه (لڪ) ٺاهيو ويو آهي.


لفظ دائود ڪنڀھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو